سومرو الطاف

سومرو الطاف

الطاف سومرو

الطاف سومرو : سنڌي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر الطاف احمد ولد عبدالفتاح سومرو، 16 آگسٽ 1953ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ميرپورخاص ۾ حاصل ڪيائين. ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) 1974ع ۾ ۽ ايل. ايل. بي 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. عملي زندگيءَ ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. هن 1970ع ڌاري اسٽيج ڊرامن کان فني سفر شروع ڪيو. 1974ع ۾ پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي متعارف ٿيو. اتي هن مختلف ڊرامن ’روشني جي تلاش‘، ’سام سيريل‘، ’راڻيءَ جي ڪهاڻي‘، ’جنگل‘، ’ديوارين‘، ’ملڪيت‘ ۽ ’باک‘ جهڙين مشهور ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. ان کان سواءِ سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ڪي. ٽي. اين تي ڊراما سيريل گنهگار، اوکا پنڌ، ڪورو ڪاغذ ۽ دشمن سميت ٻين ڊرامن ۾ بهترين پرفارمنس ڏني. الطاف سومري سنڌ ٽي. وي، مهراڻ ٽي. وي ۽ آواز ٽي. ويءَ تي به فن جا جوهر ڏيکاريا آهن. هن مهراڻ ٽي. وي تي انا جو موت، ارمان، پيار جو پرڻو ۽ پـيـار تي پـهـرا وغيره جي ڊائريڪشن به ڪئي. ڊراما سيـريـل دشـمـن، انا جو موت، ارمان، احساس ۽ پيار تي پهرا مشهور اٿس. هن اردو چئنلن: اي. آر. واءِ، سما ۽ هم ٽي. وي تي به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا آهن. کيس ريڊيو تي صداڪاريءَ جو تجربو حاصل آهي. لطاف سومري کي خدمتن جي اعتراف ۾ (1) پريزيڊنسي اوارڊ (1984ع)، (2) ڀٽائي آرٽس ڪائونسل اوارڊ (2013ع) وغيره مليا آهن. کيس ٽي نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


لفظ الطاف سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.08.16  عيسوي

سنڌي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر الطاف احمد ولد عبدالفتاح سومرو، 16 آگسٽ 1953ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.195



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امين اڏيرائي
سيد غلام مصطفيٰ شاهه
راجا پٿوراءِ
اياز حسين ابڙو
خدابخش مري جسٽس
ارل اسٽين
امام بخش خان مير
خان محمد بروهي 2
جنگو خان جمالي
سيده بيگم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون